ظفر ڪاظمي

ظفر ڪاظمي

ظفر ڪاظمي

ظفر ڪاظمي: نامور مصور ظفر ڪاظمي، 25 ڊسمبر 1933ع تي سيد مير محمد شاهه جي گهر ۾ ڳوٺ آمري ضلعي دادو (هاڻي ڄامشورو) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ آمري مان حاصل ڪيائين. پنجون درجو نيول داس ڪالوني اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انگريزي ستين درجي تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان انٽر پاس ڪيائين. ڊزائن ٽيچر جو امتحان 1954ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پاس ڪيائين، ان بعد 1979ع ڌاري ميوزيالائجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ برطانيه مان ڪيائين، کيس شروع کان چترڪاريءَ جو شوق هوندو هو. 1948ع ڌاري انٽر ۾ پڙهڻ دوران مصوريءَ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو هئائين. هو 1951ع ڌاري اين.جي.وي اسڪول ڪراچي ۾ ڊزائننگ ٽيچر مقرر ٿيو، جتي نون سالن تائين استاد رهيو. 1954ع ڌاري شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ ۾ پهريون نمبر آيو، 1956ع ڌاري حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ آل گورنمينٽ ٽيچرس ڪانفرنس ۾ کيس انعام ڏنو ويو. هن جي فن جي پهرين نمائش 1958ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ ٿي، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي صدر ڪيو. 1959ع ڌاري کيس آل پاڪستان ٽوئرز پوسٽر مقابلي ۾ قومي سطح تي پهريون انعام ڏنو ويو. هن جي تصويرن جي نمائش انگلينڊ جي برمنگهم ميوزيم ۽ آرٽ گيلري ۾ 1979ع ۾ ٿي. هن کي 1970ع ۽ 1980ع ڌاري پاڪستان ۽ فرانس جي حڪومتن پاران آرڪيالاجي جي اوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. 1970ع واري ڏهاڪي سنڌ ميوزيم جو بنياد رکي اتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، انهي ڪري کيس سنڌ ميوزيم جو باني چيو وڃي ٿو. 1982ع ۾ سگا طرفان حاجي محمد جمن ابراهيم گولڊ اوارڊ ڏنو ويو. کيس 1985ع ڌاري ٿرپارڪر ۾ ميلي ۾ ’سنڌ اوارڊ ۽ حلال احمر حيدرآباد پاران پرفارمنس اوارڊ، 1992ع ۽ 1995ع گل محمد کتري اوارڊ ۽ آمريڪا طرفان ’ليڊرشپ‘ اوارڊ، 1997ع ڌاري ٻاراڻي رسالي نٽ کٽ طرفان ’لائف ٽائيم اچيومينٽ‘ اوارڊ، 1998ع ڌاري اي.ڪي.پي شيخ‘ اوارڊ، 1999ع ڌاري ثقافت کاتي طرفان ’لطيف اوارڊ‘ ۽ 2006ع ڌاري ’ثقافتي اوارڊ‘ مليا. هو سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر جي عهدن تي به رهيو. سنڌ ميوزيم کي سجائڻ ۽ تاريخي نوادرات هٿ ڪري رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ظفر ڪاظمي 2007ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ ظفر ڪاظميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.12.25  عيسوي

ظفر ڪاظمي، 25 ڊسمبر 1933ع تي سيد مير محمد شاهه جي گهر ۾ ڳوٺ آمري ضلعي دادو (هاڻي ڄامشورو) ۾ جنم ورتو. ظفر ڪاظمي 2007ع ڌاري وفات ڪئي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالسميع دهلوي
نياز شيخ
شفقت حسين وڌو
دارا عالم ابڙو
رضوان عمراڻي
حفيظ الله کوهارو
قاضي خضرحيات
سيد محبوب علي شاهه 2
پير بخش لاڙڪ
ظفر ڪاظمي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون